پدم پراڻ

پدم پُراڻ: هندو ڌرم جي مشهور 18 پراڻن مان هيءُ پراڻ، ٻئي نمبر تي ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ چيل آهي ته ”هن ۾ اُن دؤر جو ذڪر آهي، جڏهن دنيا هڪ سونو ڪنول هئي، ڏاهن، ان پراڻ کي ڪنول به ڪوٺيو آهي. هِن پـراڻ ۾ 55000 اشـلــوڪ آهن. هي پراڻ پنجن ڀاڱن/ ڪانڊن ۾ ورهايل آهي، جهڙوڪ: (1) سرشٽي ڪانڊ، (2) ڀومي ڪانڊ، (3) سـوَرگ ڪــانـڊ، (4) پاٽالا ڪانڊ، (5) اُتر ڪانڊ. هن ۾ ڇهون حصو ’ڪرِيا- يوگ- سارا‘ به شامل آهي، جيڪو ڀڳتيءَ جي باري ۾ آهي. هن لاءِ سمجهيو وڃي ٿو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ 1200 سال پراڻو لکيل پراڻ آهي.


لفظ پدم پراڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو